تقي شاهه پير

تقي شاهه پير

پيرتقي شاهه

پير تقي شاهه : پير تقي شاهه جيلاني 1850ع ۾ ڄائو. اصل پراڻي سکر جو رهاڪو هو، سندس والد صاحب جو نالو سيد پريل شاهه جيلاني هو. پير تقي شاهه جو حسب نسب پير عبدالقادر جيلانيرح سان ملي ٿو. پير تقي شاهه باڊهه ۾ پوسٽ ماسٽر مقرر ٿي آيو ۽ باڊهه جي ريواچند محلي ۾ اچي رهيو. پير تقي شاهه هڪ درويش صفت انسان ۽ تمام پرهيزگار هو. سندس ڪرامتن ۾ چلي پچائڻ واري ڪرامت تمام گهڻي مشهور هئي. پير تقي شاهه کي شعر شاعريءَ سان دلچسپي هئي، پاڻ تمام سٺو شاعر هو. سندن شاعريءَ ۾ ڪافيون، وايون، غزل، مولود ۽ بيت شامل آهن. پير تقي شاهه مذهبي طرح قادري مسلڪ ۽ وحدت الوجود واري نظريي جو قائل هو. سندس همعصرن ۾ خليفو گل محمد هالائي، عثمان فقير سانگي، قادر بخش بيدل، خوش خير محمد هيسباڻي، ڇتو فقير سانگي، مصري شاهه، شاهه نصير، مرزا قليچ بيگ، دادن فقير ۽ ٻيا ٿي گذريا آهن. کيس 3 پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، پير تقي شاهه 29 مئي 1952ع تي 92 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار باڊهه شهر ۾ موجود آهي. سندس مزار تي اڄ به روزانه سوين ماڻهو عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڀريندا آهن، جتي هر سال ميلو لڳي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو